سرائي محمد علي خاصخيلي

سرائي محمد علي خاصخيلي

سرائي محمد علي خاصخيلي

سرائي، محمد علي خاصخيلي: سرائي محمد علي ولد خان محمد خاصخيلي، 8 نومبر 1948ع تي ضلعي خيرپور، تعلقي ڪوٽڏيجيءَ جي ڀرسان ڳوٺ پياري خان خاصخيليءَ ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان پاس ڪرڻ بعد ايم. اي اڪانامڪس پهرين پوزيشن سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. 1985ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان اڪانامڪس جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائين. اهڙيءَ طرح 1988ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان پلاننگ ۽ ڊيولپمنٽ جي شعبي ۾ پڻ ڊگري ورتائين. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1975ع ۾ حڪومت سنڌ جي پلاننگ ڊپارٽمنٽ ۾ پلاننگ آفيسر طور ڪئي، کيس جلد ڊائريڪٽر پلاننگ جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. 1998ع ۾ ساڳئي ڊپارٽمنٽ ۾ کيس ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي جون ذميواريون سونپيون ويون. 2001ع ۾ سنڌ ۾ کيس ترقياتي ڪمن جي اواليوئيشن ٽيم جو سربراهه مقرر ڪيو ويـو، جنـهـن مـوجـب سـنـڌ ويـزن جي منصوبي جي نالي ٽوئنٽـي، ٽوئنٽي (20.20) جي منصوبي کي عملي روپ ڏنو. ان منصوبي کي 2020ع تائين مڪمل ڪرڻ جي رٿا پڻ هن وقت هلي رهي آهي، اهڙيءَ طرح 2003ع کان 2008ع تائين ساڳئي ڊپارٽمينٽ ۾ صوبائي سيڪريٽريءَ جي عهدي جا فرائض سرانجام ڏنائين. نومبر 2008ع ۾ ڪجهه عرصو وزيراعليٰ سنڌ جو صلاحڪار به رهيو.
سرائي محمد علي هڪ سماج سڌارڪ انسان هو، هن ٻه شاديون ڪيون، کيس ڪو به اولاد نه ٿيو.
محمد علي سرائي، 31 مارچ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.11.08  عيسوي

سرائي محمد علي ولد خان محمد خاصخيلي، 8 نومبر 1948ع تي ضلعي خيرپور، تعلقي ڪوٽڏيجيءَ جي ڀرسان ڳوٺ پياري خان خاصخيليءَ ۾ جنم ورتو،


2012.03.31  عيسوي

محمد علي سرائي، 31 مارچ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀوڄراج شيوڪ
شازيه عطا مري
بختاور پليجو
ڏنگر فقير ننگر فقير
رحيم خان کوسو
صغران بي بي
الهه بخش شاهه بخاري
پنواڻي
آدم خان مري
بلقيس ايڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون